ڪارونجھر ۾ موجود ساڙڌرو تيرٿ

ڪارونجھر ۾ موجود ساڙڌرو تيرٿ

ساڙڌري جي مرگھه ڪُن ۾ ياتري وهنجي رهيا آهن

ساڙڌري جي مرگھه ڪُن ۾ ياتري وهنجي رهيا آهن

ساڙڌرو تيرٿ

ساڙڌرو تيرٿ (ماڳ): هي تاريخي ماڳ ننگرپارڪر تعلقي ۾ موجود آهي. هي ماڳ هندن جو اهم ڌرمي آسٿان/ تيرٿ جو درجو رکي ٿو، جيڪو ننگر پارڪر شهر کان اولهه طرف ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڪارونجھر جبل ۾ واقع آهي. هتي آڳاٽي زماني ۾ راجستان جي شهر پاٽڻ جي هڪ ڇوڪريءَ جي چوڻ تي سندس والدين شِوَ جو ڏهرو جوڙايو هو، جنهن تي ’ساڙڌرو‘ نالو رکيو ويو هو.
ساڙڌري متعلق هڪ روايت آهي ته اڳي هتي هڪڙو هرڻ ۽ هرڻي جبل ۾ پيا ڦرندا هئا. ڏينهن جو پاسي وارين جاين ۾ گهمي، ڦري، رات جو جبل ۾ اچي رهندا هئا. هڪڙيءَ رات جو جيئن هرڻ ۽ هرڻي، ڇلانگون ڏيندا، جبل تي پئي چڙهيا، ته هرڻ اوچتو هڪڙي پاڻيءَ سان ڀريل ڪُن ۾ وڃي ڪريو ۽ مري ويو. اُن جي پيار ۾ جيئن هرڻيءَ ٽِپ ڏنو ته اها وڃي ڪُن جي ٻئي پاسي ڪَدم جي وڻ ۾ ٽنگجي پئي ۽ اتي ئي مري وئي. آهستي آهستي هرڻيءَ جا هڏا سڙي ۽ ڳري، ڪُن ۾ پوندا رهيا ۽ پاڻيءَ ۾ ملي ويا. هندن جي شاسترن موجب ان پاڻيءَ ۾ ڪا اهڙي غيبي طاقت هئي، جو هرڻيءَ جا هڏا مُڪت ٿي ويا ۽ رڳو سِسي وڻ ۾ اٽڪيل رهي. ڪُن ۾ هرڻيءَ جي ڪِرڻ سبب ان ڪنڊ جو نالو ’مرگهي ڪنڊ‘ (هرڻيءَ جو ڪُن) پئجي ويو. هندن جي جوڻين واري مَتي موجب روايت آهي ته هُن هرڻيءَ، راجستان جي هڪ شاهوڪار گهراڻي ۾ ٻيو جنم ورتو هو، پر جيئن ته سندس اڳئين جنم ۾ هرڻيءَ وارو مٿو ڪارونجهر ۾ ڪَدم جي وڻ ۾ اٽڪيل هو، انڪري سندس مٿي ۾ هر وقت سُور رهندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن برهمڻ گهر وارن کي چيو ته هيءَ ڇوڪري اڳينءَ جنم ۾ هرڻي هئي، سندس مٿو ڪارونجهر جبل جي مرگهي ڪُنڊ جي هڪ وڻ ۾ اٽڪيل آهي، جيڪڏهن اهو مٿو اتان هيٺ لاٿو ويندو ته ڇوڪريءَ جي مٿي جو سور ختم ٿي ويندو. پوءِ جڏهن مائٽن اهو هرڻيءَ جو مٿو ان وڻ تان هيٺ لاٿو ته ڇوڪريءَ جي مٿي جو سور ختم ٿي ويو. پوءِ ان ڇوڪريءَ جي پيءُ ’ڪنڊ‘ جي ڏکڻ طرف ٻه ڏهرا جوڙايا، جيڪي اڄ تائين ساڳيءَ حالت ۾ موجود آهن، جن مان هڪ شو ڀڳوان جو ۽ ٻيو پاروتيءَ جو ڏهرو آهي. ساڙدري تيرٿ جي مکيه جاءِ ’مرگهي ڪن‘ آهي، جنهن کي ننگرپارڪر جي هندو پئنچائت مرمت ڪرائيندي رهندي آهي. هن ۾ ٻاروهي پاڻي موجود رهي ٿو. ويدن ۾ به ساڙڌري جي ’مرگهي ڪُنڊ‘ جو ذڪر آيو آهي، جنهن موجب ”جيڪڏهن ساڙڌري جي پاڻيءَ ۾ مُردي جي خاڪ/ سنک وڌا ويندا، يعني ڦل تاريا ويندا ته اهو عمل گنگا ۾ ڦل تارڻ برابر هوندو.“
ساڙڌري جو ميلو، هر سال ڪارتڪ پورڻما ۽ شوَراتڙيءَ تي لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين ياتري اچي ڀڄن ڀاوَ ڪندا آهن. ڪيترا ماڻهو ان موقعي تي پنهنجن پيارن جا سنک تارڻ ايندا آهن ۽ باسون باسڻ ايندا آهن. ڪجهه عرصو اڳ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن ساڙڌري لاءِ تعميرات جون اسڪيمون منظور ڪرايون ۽ هتي ٻه پڪا ڪمرا ۽ هڪ مسافرخانو ٺهرايو، جنهن ۾ ميلي دوران ياتري رهندا آهن. تازو سرڪار، ننگرپارڪر کان ساڙڌري کان ڪجهه اورتي تائين پڪو روڊ به ٺهرايو آهي، جنهنڪري ياترين جو ساڙڌري تائين پهچڻ آسان ٿي پيو آهي. ساڙڌري کان اتر طرف ٿوري پنڌ تي هڪ پراڻو کوهه موجود آهي، جتان انگريزن خلاف بغاوت دوران روپلو ڪولهي ۽ سندس ساٿي پاڻي ڀريندا هئا. هن وقت ان کوهه مان پاڻيءَ جي لائين ڇڪي ساڙڌري تيرٿ تائين هڪ حوض ۾ پهچائي وئي آهي، جنهنڪري هتي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهوليت ٿي پئي آهي.
اڳي هن قديم آسٿان جو رکوالو هنس پُري ٻائو هوندو هو، جنهن جي سماڌي موجوده مسافرخاني ڀرسان موجود آهن. هن وقت به هڪ ٻائو هر وقت مندر ۾ رهندو آهي. جيڪو ياترين جي شيوا ڪندو ۽ کين تلڪ لڳائيندو آهي. ٿر ۾ تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهو خاص ڪري وسڪاري جي رُت ۾ ڪارونجهر ايندي، هن آسٿان تي ضرور ايندا آهن.


لفظ ساڙڌرو تيرٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو